ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير برسات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير برسات پئي.رپورٽ موجب اڱاري جي صبح ڪراچي جي علائقي آءِ آءِ چندر نگر، صدر ۽ اطرف وارن علائقن ۾ هلڪي برسات پئي.سومر جي شام به سپر هاءِ وي نوري آباد، ڪاٺوڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات پئي. موسميات کاتي موجب اڄ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ مٿانهين ضلعن ۾ گجگوڙ رهندو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گلگت بلتستان، مٿانهين خيبرپختونخواهه، پوٽوهر ريجن، ڪشمير ۽ ان جي آس پاس جابلو علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو