ڪراچي: آئل ٽينڪر ڊرائيور اغوا، ٽرانسپورٽرن جو احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ آئل ٽينڪرز جي ڊرائيورن جي اغوا جي مسلسل واقعن خلاف ڪراچي ۾ آئل ٽينڪر مالڪن ايسوسيئيشن پاران احتجاج ڪيو ويو.ڪلفٽن ۾ شيرين جناح ڪالوني کان بلاول چورنگي تائين درجنين ٽينڪرز ۽ گاڏين جي ڊرائيورن، مالڪن ۽ ٻين ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي بلاول هائوس چورنگي تي ڌرڻو هنيو.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته 24 جون تي ڪنڌڪوٽ مان خالد ڀٽاڻي نالي ڊرائيور کي اغوا ڪيو ويو آهي.آئل ٽينڪرز اونرز ايسوسيئيشن جي ترجمان لائقزاده موجب پوليس اختيارين ان معاملي ۾ لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي.هن چيو ته اغوا ڪندڙ ڊرائيور جي بازيابي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن.ٽرانسپورٽرن جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ به ڪيترائي ڊرائيور اغوا ڪري ڦر ڪيا ويا آهن.ٽرانسپورٽرن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ٽينڪر ۽ ٽرڪن جا ڊرائيور سفر دوران خوف محسوس ڪري رهيا آهن.احتجاج دوران ڪلفٽن ۾ بلاول چورنگي جي چوڌاري روڊن تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڏکڻ ضلعي جي پوليس موقعي تي موجود هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو