ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) اولهه جي هوائن جو هڪ تازو سلسلو 28 هين مارچ کان اولهه بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن سبب اربع تي ڪراچي ۾ هلڪي ۽ وچولي درجي جي برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي 28 کان 31 هين مارچ دوران تيز هوائن ۽ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن موجب اولهندي هوائن جو سلسلو اڱاري تي مُلڪ جي اولهندي علائقن ۾ داخل ٿيندو، هوائن جو اِهو سلسلو 29 مارچ تائين مُلڪ جي مٿانهن ۽ وچولن علائقن تائين پکڙجي ويندو جيڪو 31 مارچ تائين موجود رهندو.اولهندي هوائن سبب 28 کان 31 مارچ دوران نوڪنڊي، دالبندين، ڪوئيٽا، زوب، بارکان، هرنائي، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، چمن، پشين، سبي، لورالائي، قلات، خضدار، لسٻيلي، پنگور، آواران ۽ ڪيچ ۾ برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب 29 مارچ کان 31 مارچ تائين ڊيرا غازي خان، راڄن پور، ڀکر، ليا، ملتان، ساهيوال، اوڪاڙا، پاڪپتڻ، خانيوال، بهاولنگر، بهاولپور، رحيم يار خان، سکر ۽ جيڪب آباد ۾ برسات جو امڪان آهي جڏهن ته شهيد بينطير آباد، ميرپور خاص، حيدرآباد، ڪراچي ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات ۽ ڳڙي جو امڪان آهي.
