ڪراچيءَ جي نئين ميئر لاءِ چيلنجز ۽ ترجيحات

ليکڪ مسعود لوهار
پاڪستان ۾ اقتدار ۽ سياست جي بدلجندڙ هوائن دوران ڪراچي جو پهريون ميئر پيپلز پارٽيءَ جو چونڊيو آهي. ڪراچي ڄائي نوجوان مرتضيٰ وهاب کي جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي ووٽ بئنڪ جي شڪل ۾ سخت سياسي رقابتن کي منهن ڏيڻ کان علاوه ڪيترن ئي محاذن تي مقابلو ڪرڻو پوندو.
ڪراچي جي ميونسپل تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي جيتري جديد شهر جي تاريخ پراڻي آهي. 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي قبضي کان پوءِ هي شهر هڪ اهم بندرگاهه واري شهر طور اڀري آيو. 1852ع ۾ ميونسپل ڪميشن جي قيام کان فقط هڪ سال پوءِ ڪراچي ميونسپل ڪميٽيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. شهر ۾ پهريون ڀيرو پهرين نومبر 1884ع تي ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيون.
1933ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ تبديل ٿيڻ کان اڳ، ٻين سان گڏ، سيٺ هرچند راءِ وشنداس (1862-1928) ۽ جمشيد نسروانجي مهتا (1886-1952) ڪراچي ميونسپلٽي جا چونڊيل صدر رهيا. مهتا 1913ع ۾ ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي متعارف ڪرائڻ لاءِ مشهور آهي، جيڪا 1920ع کان اڳ آمريڪا ۾ به عام ڪو نه ٿي هئي. هن شاندار قدم ڪراچيءَ کي روشنين جو شهر بڻائي ڇڏيو.
هڪ صدي اڳ پنهنجي سينئر همعصرن جي برعڪس، جڏهن ڪراچي کي ’اوڀر جي راڻي‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، وهاب ان شهر جو اهم عهدو اهڙي وقت سنڀاريو آهي جڏهن ڪراچي کي اڪانومسٽ انٽيليجنس يونٽ پاران دنيا جي گهٽ رهڻ لائق شهرن مان هڪ قرار ڏنو ويو آهي. 173 شهرن مان، ڪراچي 169 هين نمبر تي آهي، جيڪو جنگ متاثر دمشق ۽ طرابلس کان ٿورو ئي بهتر ڄاڻايو ويو آهي.
پاڪستان جي 10 سيڪڙو آبادي ۽ ٻن اهم بندرگاهن واري شهر ڪراچي کي ماحولياتي بهتري، معاشي ترقي ۽ سماجي ثقافتي ترقي لاءِ فوري طور تي جرئتمند ۽ جديد قدمن جي فوري ضرورت آهي.

نئين ميئر جو سفر يقيني طور تي فرسودا رستي تي هلڻ جي پيروي نه ڪرڻ گهرجي. هن شهر جو پراڻو اوج کڻي واپس نه به اچي پر شهر ۾ بهتري لاءِ تمام گهڻي جديد ۽ آئوٽ آف باڪس سوچ ۽ فيصلن جي ضرورت آهي.
فوري ڌيان ڏين جوڳن ڪمن ۾ لياري ۽ ملير ندين جي بحالي، برساتي پاڻي جي حاصلات لاءِ ويٽ لينڊز ٺاهڻ ۽ آباد ٻيٽن کي ماحولياتي سياحت جي مرڪزن ۾ تبديل ڪرڻ شامل آهن. ان کان علاوه، ڪراچي جي اهم ڍنڍن، اوڀايو ۽ نئي نار کي بحال ڪرڻ ۽ ٽرٽل بيچ کي محفوظ علائقن ۾ شامل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.
شهري ٻيلن کي فروغ ڏيڻ، آفت جي خطري کي گهٽائڻ جي قدمن، ۽ ساحلي مينگروو جو تحفظ هڪ وڌيڪ لچڪدار شهر لاءِ اهم آهي. ان سان گڏ، نوجوانن لاءِ معاشي موقعن کي هٿي ڏيڻ ۽ انهن جي تفريحي ضرورتن کي پورو ڪرڻ به ميئر وهاب جي امڪاني ايجنڊا لاءِ اوترائي اهم آهن.
ماضي جي شاندار ندين لياري ۽ ملير جي بحالي هڪ مشڪل ڪم ضرور آهي جنهن تي فوري اپائن وٺڻ جي ضرورت آهي. نظرانداز ڪيل صنعتي آلودگي ۽ صنعتي فضلي واري سيوريج جو پاڻي انهن ندين کي زهريلي وهڪرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان ماحوليات ۽ صحت لاءِ سخت خطرا پيدا ٿي ويا آهن. بحاليءَ جون ڪوششون لياري ۽ ملير جي دريائن جي ڪنارن ۽ پيٽ ۾ ويٽ لينڊ قائم ڪرڻ سان برسات جي پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ قدرتي ذخيرن طور ڪتب آني سگهبو. مون سون جي ٻوڏ جي اثرن کي گھٽائڻ، ۽ شهر جي پاڻي جي وسيلن کي ٻيهر تر ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿيون.
ڪراچي جا رهائشي چار ٻيٽ، جن ۾ منوڙه به شامل آهي، ماحولياتي سياحت جي ترقيءَ لاءِ وڏي صلاحيت رکن ٿا. مقامي مڇي مارڻ واري ڪميونٽي سان تعاون ڪندي، ميئر وهاب انهي ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهي ٿو ته سياحت جي شروعات ماحولياتي سالميت جو احترام ڪندي اقتصادي موقعا به فراهم ڪندي.
اوڀائيو ۽ نئي نار ڍنڍون ڪراچي جي ماحولياتي نظام لاءِ اهم آهن پر ماضي ۾ انهن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. موجوده مائي ڪولاچي روڊ جي بجاءِ اوڀايو ڍنڍ کي اوور هيڊ برج ذريعي سمنڊ سان ڳنڍڻ، صاف پاڻي جي وهڪري کي آسان بڻائي، مينگرووز ۽ سامونڊي زندگين کي محفوظ ڪري سگهي ٿو. اهڙي طرح، سينڊزپٽ ۾ نئي نار ڍنڍ جي بحالي سان ڪياماڙي بندرگاهه کي ننڍين توڙي اونچين لھرن دوران قدرتي صفائي ۽ ڌوئڻ ۾ مدد ملندي، مجموعي طور ساحلي ماحولياتي نظام به بهتر ٿي ويندو.
ٽرٽل بيچ اهم ماحولياتي اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته اهو خطري جي ور چڙهيل سائي ڪڇوي جي افزائش نسل جي نرسري يا اهم ميدان طور ڪم ڪري ٿو. ميئر مرتضيٰ وهاب هن علائقي کي محفوظ علائقو قرار ڏئي، ڊولپمينٽ تي سخت ضابطا لاڳو ڪري، ڪڇون جي رهائش جي حفاظت لاءِ ذميوار سياحتي عمل کي هٿي وٺرائڻ سان فيصلا ڪن قدم کڻي هن علائقي کي هٿي وٺرائڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ گرين بيلٽ نه هجڻ برابر آهن جنهن سبب وڏي پيماني تي وڻ پوکڻ جي مهم شروع ڪرڻ گهرجي ۽ شهري ٻيلن بابت مهم هلائڻ گهرجي جيئن صاف ماحول ۾ ساهه کڻڻ جي سهولت ملي. ان سان ڪراچي ۾ گرين بيلٽ جي کوٽ کي دور ڪرڻ سان گڏ تفريحي علائقن ۾ واڌ ٿيندي ۽ صاف هوا به ملندي.
آفت جي خطري کي گهٽائڻ جا قدم، جن ۾ بهتر انفراسٽرڪچر، اڳواٽ وارننگ سسٽم، ۽ ساحلي مينگروو جو تحفظ شامل آهن، ڪراچي جي قدرتي آفتن جي لچڪ کي وڌائي سگهن ٿا، جهڙوڪ تازو سائيڪلون بِپرجوئي جي طوفاني اثرن کي گهتا؟ي سگهبو.

ڪراچي جي نوجوان آباديءَ جو فائدو وٺندي ميئر وهاب ڪامن ويلٿ ملڪن تائين پهچ ڪري معاشي موقعن کي هٿي ڏئي سگهي ٿو جن کي انساني وسيلن جي ضرورت آهي ۽ بيروزگار نوجوانن لاءِ روزگار جي تربيت ۽ مهارت جي ترقيءَ جا پروگرام شروع ڪري سگهجن ٿا.
محفوظ ۽ متحرڪ تفريحي جڳهون ٺاهڻ سان رهاڪن جي خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو ۽ ڪميونٽي ۾ سماجي رشتا مضبوط ٿيندا.
( هي مضمون 26 جولاءِ تي ڊان اخبار م شايع ٿيو جيڪو اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءءِ سندن ٿورن سان پيش ڪريون ٿا. ليکڪ ماحولياتي ماهر ۽ ڪلفٽن اربن فاريسٽ، ڪراچي جو باني آهي.) mlohar@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو