ڪراچي، ٻن روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عيد ڏينهن پيش آيل ٻن مختلف ٽريفڪ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس موجب گلشن اقبال وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل سوار نوجوان نيپا پل هيٺان ڪري پيو، جنهن سبب نوجوان فوت ٿي ويو. ٻيو واقعو ڊي ايڇ اي فيز 2 ۾ پيش آيو جتي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ 2 موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ٻارڙن جي عمر 13 ۽ 17 سال آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو