سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات، بجلي بند

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت ڪراچي حيدرآباد ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن سبب ٿڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ ٿي وئي.موسميات کاتي جي اڳڪٿي بعد ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو شروع ٿي وئي، حيدرآباد ۾ به وقفي وقفي سان هلڪي برسات شروع ٿي وئي. موسميات کاتي موجب برسات جو سلسلو آچر تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. راولپنڊي، اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ رات کان هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب موسم خوشگوار ۽ ٿڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ ٿي وئي آهي. پنجاب جي مختلف علائقن لاهور، جڙانوالا، سرگودها، ليه، سلطانپور، جهانيان ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.خيبرپختونخواهه جي علائقي بونير، شانگلا، بنون سميت مختلف علائقن ۾ تيز ۽ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ هڪ دفعو ٻيهر برفباري شروع ٿي وئي.ياد رهي ته موسميات کاتي ملڪ ۾ اڄ کان آچر تائين برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي. جڏهن ته ڪجهه شهرن ۾ طوفاني برسات جو به امڪان آهي جنهن کان پوءِ اهڙن علائقن ۾ نه صرف حفاظتي قدم کنيا ويا آهن پر شهرين کي به احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو