ڪتابي ميلو جاري، نوجوانن کي ڪتاب پڙهڻ گهرجن، اديب

ڪراچي(رپورٽ : باغي ساگر پنھوار )سنسار پبليڪيشن ڪراچي پاران سچل ڳوٺ ۾ ٽن ڏينھن کان ڪتابي ادبي ميلو جاري آهي جتي وڏي تعداد ۾ نوجوانن شاعرن اديبن دانشورن ليکڪن توڙي سگھڙن اسٽال تي اچي ڪتابن جو معائنو ڪيو ۽ ڪتاب خريد ڪيا ان موقعي تي سنڌ جي اديب ۽ ليکڪ شاعر شير مھراڻوي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو  ته اڄ جي  افراتفري واري دور ۽ شدت پسندي کي شڪشت ڏيڻ لاء نوجوانن کي گھرجي ته ڪتابن سان دوستي رکن ڪتابن سان دوستي زندگي جو مستقبل آهي. ايڊوڪيٽ اي بي لاشاري چيو ته انٽرنيٽ تي به  نوجوانن کي وڌ کان وڌ ڄاڻ ملي ٿي پر علم جي روشني ھٿ ۾ کينل ڪتابن کي  پڙھڻ سان ملندي سو علمي لاڀ حاصل ڪري سگھجي ٿو .

Photo Sindhyar

ضيا ابڙو چيو ته ڪتاب جي اھميت ختم نه ٿيندي پوء چاھي لائيبريري ھجي انٽرنيٽ ھجي ڪمپوٽر ھجي سڄي يورپ ۾ ناول وڏي تعداد ۾ ڇپيا وڃن ٿا ۽ خريد به ڪيا ويندا آهن سو اھا روايت اسان وٽ به برقرار آهي پڙھڻ جو شوق وڌيو آهي . شاعر آتش پھنيار چيو ته ادب ڪتابن سان آهي دنيا جي اندر انقلاب ڪتابن سان آيا آهن گوگل انٽرنيٽ مان به گھڻو فائدو آهي پر بنيادي ڪتاب جي اھميت کي سمجھڻ گھرجي نوجوانن کي گھرجي ته اسان جي پنهنجي ٻولي جي پٽڀرائي ڪن تعليمي ادارن کي به گھرجي ته ضرورت وارا ڪتاب آڻن ۽ ادبي ڪتابن جي اڃان وڌيڪ ضرورت آهي. شاعر شفيع محمد شاھ چيو ته معاشري ۽ نوجوانن جي ذھني نشونما اديب ڪري ٿو شاعري ڪھاڻيون معياري ادب جي اشد ضرورت آهي معاشري ۾ جيڪو انقلاب اچي ٿو دنيا جنهن طرف وڃي ٿي ته ايئن ئي نوجوانن کي ادب طرف آڻڻو آهي آخر ۾ سنسار پبليڪيشن جي سي اي او اسلم کٽياڻ چيو ته اسان اھڙا اسٽال ڪراچي جي مختليف علائقن ۾ سلسليوار لڳائيندا آھيون ته جيئن اسان جي نوجوانن ۾ ڪتابن طرف پڙھڻ جو لاڙو وڌي سگھي.

پهنجو تبصرو موڪليو