ڪاڇي ۾ زوردار برسات، فصل، روڊ رستا پاڻي هيٺ

ٽنڊو رحيم خان (ن س) کير ٿر جي جابلو پٽي مان وهي ايندڙ نئين انگئي، نئين نئينگ، نئين گاج سميت ٻيون جابلو نيون وهي اچڻ ڪري ڪاڇي ۾ پوکيل گوار، جوئر ۽ ترن جي فصل کي سخت نقصان ٿيو آهي. جڏهن ته نئين جي تيز وهڪرن سبب يوسي  ٽنڊو رحيم خان سميت مختلف ڳوٺن جو وڏن شهرن دادو جوهي ۽ ڀان سان زميني رابطو پڻ ڪٽجي ويو آهي.

جڏهن ته ڪيترن ئي ڳوٺن جا روڊ رستا پڻ تباهه ٿي چڪا آهن. علائقي واسين غفور جمالي، الطاف جمالي ۽ ٻين حڪومت کان مطالبو ڪندي چيوته روڊ زمين کان مٿي ڪري ٺهرائي ڏنا وڃن ته جيئن رستا بند نه ٿي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو