ٽنڊو رحيم خان (ن س) کير ٿر جي جابلو پٽي مان وهي ايندڙ نئين انگئي، نئين نئينگ، نئين گاج سميت ٻيون جابلو نيون وهي اچڻ ڪري ڪاڇي ۾ پوکيل گوار، جوئر ۽ ترن جي فصل کي سخت نقصان ٿيو آهي. جڏهن ته نئين جي تيز وهڪرن سبب يوسي ٽنڊو رحيم خان سميت مختلف ڳوٺن جو وڏن شهرن دادو جوهي ۽ ڀان سان زميني رابطو پڻ ڪٽجي ويو آهي.

جڏهن ته ڪيترن ئي ڳوٺن جا روڊ رستا پڻ تباهه ٿي چڪا آهن. علائقي واسين غفور جمالي، الطاف جمالي ۽ ٻين حڪومت کان مطالبو ڪندي چيوته روڊ زمين کان مٿي ڪري ٺهرائي ڏنا وڃن ته جيئن رستا بند نه ٿي سگهن.










