ڪاڇي ۾ تازي برسات، قيامت برپا ڪري ڇڏي

ڊرگهه بالا(محمد اسماعيل لانگاھ)ڪاڇي جي شهر ڊرگهه بالا  ۽ کيرٿر جابلو پٽي ۾ مسلسل پيل طوفاني برسات بعد نئين گاج ۾ ٻيهر آيل ٻوڏ ڪاڇي ۾ قيامت برپا ڪري ڇڏي, هزارين رهواسي برسات ۽ گاج جي پاڻي ۾ ڦاٿل سوين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا ڪاڇي ۾ حالتون خطرناڪ حد تائين ٿي ويون روڊ رستا پليون ٽُٽي پيون کا خوراڪ جو شيون شھرن ۾ ختم ٿي ويون  ڪاڇي جا ڪيترائي ڳوٺ روڊ رستا پاڻي ٻوڙي ڇڏيا, روڊ رستا بند علائقي واسين لاء قيامت صغرا جا منظر هزارين رهواسي ڦاٿل جوهي ۽ دادو ضلعي هيڊ ڪوارٽر کان ڊرگھ بالا شهر سميت سوين ڳوٺن جا سمورا رابطا  ٻيهر ڪٽجي  ويا,

Photo Sindhyar

خبر موجب ,ڊرگھ بالا شهر سميت ڪاڇي جي کيرٿر جابلو پٽي آس پاس جي علائقن ۽ ڳوٺن ۾  مسلسل پيل طوفاني برسات کانپوء مهيني اندر ٻيو ڀيرو آيل ٻوڏ ڪاڇي جو انفراسٽرڪچر تباه ڪري ڇڏيو وسنديون واهڻ شهر پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا, ماڻھن جا سوين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا, روڊ رستا پليون به ٽُٽي پيون , پاڻي اچڻ ڪري سوين ڳوٺن ۾ گذريل پندرنهن ڏينهن پهرين آيل ٻوڏ ۽  تازو آيل ٻوڏ متاثرن لاء قيامت صغرا برپا ڪري ڇڏي, هزارين رهواسي کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل, برسات دوران ڊٺل گهرن۽ ٻوڏ جي پاڻي علائقي واسين جي مشڪلاتن ۾ وري اضافو ڪري ڇڏيو, پاڻي سبب علائقي ۾ اربين رپيا نقصان جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي, آگسٽ مهيني ڪاڇي واسين لاء مصيبتن جي تاريخ لکي ڇڏي, مهيني اندر ٻه مها ٻوڏن پنجاھ سالن جي تاريخ ٽوڙي ڇڏي جڏھن ته عارضي بنيادن تي بحال ڪيل روڊ رستا وري ٽُٽي ويا, ٽرئفڪ جو نظام معطل ٿي ويو اسپتالون بند, مريضن جون حياتي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي اچي ويون, کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ سبب ڪاروبار دڪان بند ٿي ويا ماڻھن کي لوڻ لپ ملڻ به مشڪل بڻجي وئي, بُک سبب ڪاڇي جي صورتحال بدتر ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو, 

Photo Sindhyar

علائقي واسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا, روڊ رستا بند ٿيڻ ڪري کاڌي پيتي جي سخت کوٽ سبب رهواسي بُک ۽ لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن علائقي جي ٻوڏ متاثرن پاران اقوام متحده, وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور ,متاثر علائقن ۾ ماڻھن کي ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي جي شيون پاڪ آرمي وسيلي پهچايون وڃن 

پهنجو تبصرو موڪليو