ڪارونجھر جبل جي نيلامي جي مذمت ڪريون ٿا: پليجو

حيدرآباد(ن س ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ڪارونجھر جبل سنڌ جو تاريخي ۽ ثقافتي ماڳ آھي. ڪارونجھر جبل جي نيلامي جي مذمت ڪريون ٿا. پيپلز پارٽي اقتدار جي 15 سالن ۾ سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور ثابت ٿي آھي. ٻيھر اقتدار جي لالچ ۾ 13 لک ايڪڙ زمين مفت ۾ ڏني وئي آھي. ڪراچي، ڪوھستان ۽ ساحلي پٽي بلڊر مافيا حوالي ڪيا ويا آھن. ڪارونجھر جبل ۽ ٻيا تاريخي ماڳ سخت خطري ۾ آھن. ڊوميسائيل جو شرط ختم ڪرڻ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ روزگار جي وسيلن تي قابض ٿيڻ جي سازش آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت 2 ڀيرا لکين خاندانن کي ھٿرادو ٻوڏ ۾ تباھ ۽ برباد ڪري امداد جي نالي ۾ اربين روپيا ھڙپ ڪيا. اليڪشن ويجھو ڏسي ٻوڏ متاثرن جي مدد جا ڊراما ڪيا پيا وڃن. پيپلز پارٽي حڪومت لکين ٻوڏ متاثر خاندانن کي ڪراچي ۾ سھولتون نہ ڏئي رھڻ نہ ڏنو. کارو پاڻي پياري ۽ دھشتگردن کان فائرنگ ڪرائي انھن کي پنھنجي راڄ ڌاني مان ڪڍي ڇڏيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ اليڪشن وقت تي ٿيڻ گھرجن. بلدياتي اليڪشن ۾ شفاف ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن مڪمل ناڪام ٿي وئي. اليڪشن چونڊون ٿيڻ تائين ملڪ معاشي ۽ سياسي بحران مان نہ نڪري سگھندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ غير قانوني افغاني، ڪرپشن، مھانگائي تمام وڏا مسئلا آھن. پيپلز پارٽي ووٽ جي لالچ ۾ غير قانوني پرڏيھين کي تحفظ ڏئي رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اٽو مھانگو ڪري مزدورن، ھارين کان 2 وقت جي ماني بہ ڦري وئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو