ڪارونجهر جي بچاءُ ۽ بقاءُ بل منظور ڪيو وڃي،جماعت اسلامي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ ڪارونجهر کي ٿر ۽ سنڌ جو تاج، ان جي بچاءُ ۽ بقاءُ لاء اسيمبلي مان بل منظور ڪري ان کي هميشه لاء تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۾ ويٺل وزيرن ۽ مشيرن کي سنڌ جا وسيلا هڙپ ۽ تاريخي ماڳ جي سونهن کي برباد ڪرڻ جو حق ڪنهن ڏنو آهي؟ وقت جي حڪمرانن کي سوچڻ گهرجي ته ڪارونجهر هجي يا ڪوبه ٻيو تاريخي ماڳ مڪان انهن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي نه ڪي انهن کي کپائي پنهنجي عياشين لاءِ دولت گڏ ڪرڻ، سنڌ حڪومت ۽ پ پ سنڌ کي جيڪو نقصان پهچايو آهي اهو ارغونن، ترخانن سميت ڪنهن به پرڏيهي قابض حڪمران ڪونه پهچايو. سنڌ ۽ سنڌين خلاف ڪيل فيصلن جي ڪري موجوده حڪمران کي تاريخ ڪڏهن به معاف ڪونه ڪندي. صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ اڄ جاري پنھنجي هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر صرف گرينائيٽ ناهي. ڪارونجهر خوبصورتي آهي، تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي ورثو آهي. سنڌ گورنمينٽ طرفان ڪارونجهر جبل جي هزارين ايڪڙ ايراضي ايف ڊبليو او کي ليز تي ڏيڻ فطرت سان به دشمني آهي. ٿيڻ ائين گهربو هو ته جن نوٽس جاري ڪيو انهن کان پڇاڻو ڪرڻ گهربو هو پر سوشل ميڊيا تي نوٽس تي تنقيد ٿيڻ کانپوءِ حڪومت کي ياد پيو ته اهو غلط آ ۽ مٿان وري چونڊون به اچن پيون ان ڪري انهن کي نوٽس واپس وٺڻو پئجي ويو. حڪومت پاران ڪارونجھر جي نيلامي منسوخ ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪندي گھر ڪريون ٿا تہ نيلامي جو فيصلو ڪنهن شخص نه ڪيو هوندو، ان جي منصوبہ بندي ۽ سازش ڪندڙ ڪامورن خلاف سخت قدم کنيا وڃن تہ جئين مستقبل ۾ وري ڪير بہ ڪارونجھر ڏي ميري اک سان نه ڏسي سگهي. ٿرپارڪر جنهن جي سونهن کي برساتن کان پوءِ سڄي ملڪ مان ماڻهو اچن ٿا ان سونهن پويان هڪ خوفناڪ تباهي آهي جنهن ٿري ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن، بُک، بدحالي، بيروزگاري جي ڪري اڄ ٿر جا مسڪين ماڻهو هڪ طرف معصوم ٻچن سميت اجتماعي آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن ته ٻي طرف سون جي تعداد ۾ معصوم ٻار مناسب خوراڪ ۽ علاج جون سهولتون نه هئڻ جي ڪري مائرن جي جهولين ۾ موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن، حڪمران ٿر جي ڪاري سون ڪوئلي ذريعي اربين رپيا ڪمائين پيا، پر روشن ٿر جي دعويدار حڪومت پاران ٿرين لاءِ بنيادي انساني سهولتن، صاف پاڻي، تعليم، روزگار سميت ڪابه سهولت ميسر ڪونه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاڻي وري ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جا ٽينڊر ڪڍي سنڌ حڪومت سول ملٽري نوڪرشاهي منافي خاطر تاريخي وسيلن جي ڦُرلُٽ جو منصوبو جوڙيو آهي. دنيا جا ماڻهو پنهنجي ثقافت جو احترام ڪندا آهن انهن جي پوئيواري ڪندا آهن پر افسوس سنڌ ۾ پنهنجا ئي اڳواڻ سنڌ جي سونهن کي نيلام ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. صوبائي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته موجوده سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر کي نقصان پهچائڻ جو عمل پهرين به ٿيندو رهيو آهي ان ڪري هڪ نوٽس واپس وٺڻ جي خوشي ملهائڻ بدران سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ جي ضرورت آهي گڏو گڏ پيپلز پارٽي کي سمجهڻو پوندو ته سنڌ ۽ سنڌ جا ماڳ نيلامي ۽ بلڊر مافيا لاءِ ناهن، پيپلزپارٽي هڪ طرف جمهوريت جو راڳ به ڳائي ٿي، ته ٻي طرف وري سنڌ جا ٻيٽ به وڪڻي ٿي، بحريا ٽائون ٺاھي اصل رھاڪن کي دربدر به ڪري ٿي،۽ ھاڻي تازو سنڌ جي منفرد سونهن ڪارُوجهر جي نيلامي جو اشتهار جاري ڪري سنڌين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو پيو وڃي. ڪاشف سعيد شيخ پُرزور مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر جبل جي ڏنل ليزون بند ڪرائي ڪارونجهر جبل کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي. رڳو ٽينڊر جي واپسي جو فيصلو ڪافي ناهي، ڪارونجهر کي عوامي نيشنل پارڪ جو درجو ڏيو، انکي سنڌ اسيمبلي جي قانون ذريعي قومي، تاريخي، فطري، ماحولياتي ۽ ثقافتي ورثو قرار ڏئي هميشه لاءِ محفوظ ڪيو وڃي..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو