ڪابل،ٽي ٽي پي جي اهم ڪمانڊرن سميت 6 دهشتگرد مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغانستان جي صوبي خوست ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جي اهم ڪمانڊرن سميت 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 15 سخت زخمي ٿي پيا.ذريعن موجب آءِ اي ڊي حملي ۾ مارجي ويل ٽي ٽي پي ڪمانڊر عبدالمنان، عالم خان مده خيل، ڪجير ۽ 3 نامعلوم دهشتگرد شامل آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمي ٿيل دهشتگردن ۾ ٽي ٽي پي ڪمانڊر فضل امين، ڪمانڊر محمد عرف طوفان، ڪمانڊر نورپايو خان شامل آهن.زخمين ۾ فقير الله ترزئي، ست ڪي، علي سرخان، زبير، هجرت الله، ڪمال، شرافضل، بخت الله، ذبيح الله ۽ 2 نامعلوم دهشتگرد به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو