کير ۾ ملاوٽ ڪندڙ وڏي مافيا سامهون اچي وئي

ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي) ملير ۾ وڏي پئماني تي کير ۾ غير معياري پاڻي ملاوٽ ڪندڙ هڪ وڏي مافيا سامهون اچي وئي بيهنس ڪالوني ريڊيو پاڪستان قذافي ٽائون قومي شاهراهه قائدا آباد جوڳي موڙ سميت ڪيترن ئي علائقن جي مختلف واڙن ۾ واڙي مالڪن ۽ کير جي فراهمي ڪندڙ گاڏين جي ڊرائيورن جي ملي ڀڳت سان کير ۾ غير معياري پاڻي ملاوٽ جو اڻ کٽ سلسلو جاري آهي کير ۾ غير معياري پاڻي ملاوٽ ڪندڙ فلڪ شير ۽ پرويز پاران نه رڳو پاڻي ملاوٽ بلڪه کير سپلائي ڪندڙ گاڏين جي ڊرائيورن جي ملي ڀڳت مختلف گاڏين مان روزانو هزارين ليٽر ڊرمن ۾ کير ڪڍي سندس جاءِ تي پاڻي ڀري ڊرمن جي تور برابر ڪئي پئي وڃي هن هيڏي مافيا خلاف قانوني لاڳو ڪندڙ ادارن مان ڪير به سنجيده نظر نه ٿو اچي جيتوڻيڪ ڊپٽي ڪمشنر ملير ايس ايس پي ملير سميت حد ايس ايڇ او به پنهنجي ذميواري قبولي هن مافيا خلاف قانوني ڪاروائي کان لنوائي رهيا آهن. ملير ۾ شهرين کي  صاف کير فراهمي هڪ وڏي مافيا جي ور چڙهي وئي آهي جنهن چٽو ثبوت اهيو آهي ته بيھنس ڪالوني ۾ هڪ ميهن جي واڙي کان شهر جي مختلف علائقن ۾ صاف کير ڄاڻائي سپلائي ڪندڙ گاڏين جي ڊرائيورن جو ڀانڊو ڦاٽي پيو کير ۾ وڏي پئماني تي غيرقانوني معياري پاڻي ملايو پيو وڃي جڏهن پاڻي ان هودي مان ڀريندي نظر اچي ٿو جنهن ۾ جانورن کي پاڻي پياريو ويندو آهي نه صرف ايترو بلڪه ڪيترن ئي سالن کان  کير سپلائي ڪندڙ گاڏين جي ڊرائيورن جي ملي ڀڳت سان روزانو هزارين ليٽر چوري ڪري سندس جاءِ تي هزارين ليٽر پاڻي ملايو ويندو آهي واڙن مان کير کڻي نڪرندڙ سوزڪي ۽ مازدا ڊرائيورن پاران فون ڪال ذريعي رابطو ڪري ساڳي ريت پاڻي سان ڀريل سوزڪي وجه وٺي جيترو کير ڪڍيو وڃي ٿو ايترو ئي پاڻي ساڳي ڪينن ۾ وجهي ڪري تور برابر ڏيکاري ويندي آهي ميڊيا سروي موجب ملير ۾ هن وقت کير ۾ غير معياري پاڻي ملاوٽ ڪندڙ گروهن جي سربراهه فلڪ شير ۽ پرويز نالي شخص خلاف قانوني ڪاروائي لاءِ حد انتظاميه ڪابه اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي کير ۾ پاڻي ملاوٽ ڪا نئين ڳالهه ناهي پر کير سپلائي ڪندڙ گاڏين جي ڊرائيورن جي سان غيرمعياري پاڻي جو استعمال ۽ نجي گودامن ۾ کير ۾ پاڻي ملاوٽ ڪرڻ بعد شهرين تائين رسندڙ کير نه صرف بيمارين جو وڏو سبب بڻجي ٿو ان ايڏي ڪم کي سرانجام ڏيندڙ مافيا حد پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن نظرن کان ڪئين بچي ڌنڌي کي ڏينهون ڏينهن مضبوط بڻايو وڃي جئين توڻيڪ چئجي اسان جي ملڪ ۾ قانون نالي جي شيءٍ ناهي جنهن کي جئين وڻندو اهو ائين ڪندو هاڻي ڏسڻو اهيو آهي ڊپٽي ڪمشنر ملير ايس ايس ملير سميت حد ٿاڻن جا ايس ايچ او قانون تي ڪئين ٿا عمل درآمد ڪرائن ڇا ان بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي اهيو موجوده حد انتظاميه لاءِ سوال نشان آهي،

پهنجو تبصرو موڪليو