کنڊ خريداري جو يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جو ٽينڊر رد

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن 45 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ خريڊاري جو ٽينڊر رد ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب ذريعن ٻڌايو آهي ته رمضان ۾ امڪاني کوٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ کنڊ جي خريداري جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو هو.يوٽيليٽي اسٽورز جي ذريعن ٻڌايو ته کنڊ جي مهانگي ٿيڻ سبب ٽينڊر رد ڪيو ويو. گهٽ کان گهٽ ٻولي 142 روپيه في ڪلو جي حساب سان لڳائي وئي، خرچ ملائي في ڪلو کنڊ 155 روپين ۾ پئجي رهي هئي.يوٽيليٽي جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪارپوريشن وٽ کنڊ جا وڏا ذخيرا موجود آهن. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن 45 هزار ميٽرڪ ٽن جي تحت ٻوليون طلب ڪيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو