کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڪشمور (جي ايم کوسو) ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي اکين ڏٺل شاهد سيد مسعود شاھ، شوڪت مرکنڊ، ڊاڪٽر فتح محمد کوسو، شادي خان سومرو، اعجاز ڳاهو، سهيل رضا ڀٽي، موهن ميگهواڙ، الله وڌايو مهر، عبدالله مڻڪ ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ وائيس آف مسنگ پرسنز سنڌ جي سڏ تي دين محمد کوسو، اڪرام چانڊيو، حاجي جاويد منڱريو سليم سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو . مظاهرين خطاب ڪندي چيو ته سيد مسعود شاھ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جو اکين ڏٺو گواھ آهي، سيد مسعود شاھ کي ڪيس مان هٿ کڻائڻ لاءِ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو سيد مسعود شاھ سميت کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي بازياب ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو