’کنڀي گم ڪندڙن کي ٻه ڀيرا موت جي سزا ملڻ گهرجي‘

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) جبري طور تي لاپته ڪيل بلوچ شاگردن جي بازيابي واري ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 19 فيبروري سومر تي نگران وزيراعظم کي طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته جبر ي طور تي لاپته ڪرڻ وارن کي موت جي سزا ملڻ گهرجي، بلڪ ٻه ڀيرا کين موت جي سزا ملڻ گهرجي. ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل پيش ٿيو جنهن ٻڌايو ته 12 لاپتا ٿيل بلوچ شاگردن مان هڪ کي بازياب ڪرايو ويو آهي ٿورو وڌيڪ وقت ڏيو ته ٻيا به بازياب ڪرايا ويندا. عدالت چيو ته اٿترو وقت ڏنو ويو آهي پر اوهان شاگرد بازياب نه ڪرائي سهگهيا آهيو. عدالت چيو ته اٽارني جنرل ڪٿي آهي؟ اسسٽنٽ اٽارني جنرل عثمان گهمن چيو ته هو ٻئي ڪيس ۾ مصروف آهي اوهان ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪريو ايندڙ حاضري تي هو پيش ٿيندو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪندي نگران وزيراعظم کي طلب ڪندي چيو ته ڇو نه هن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.؟ ياد رهي ته 50 کان مٿي کنڀي گم ڪيل بلوچ شاگردن مان ٻيا بازياب ڪرايا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو