کدڙن مٿان فائرنگ ڪندڙ نشي ۾ ڌت نوجوان گرفتار

جيڪب آباد(عبدالنبي شيخ)نشي ۾ ڌت نوجوان کدڙن فقيرن مٿان ڊبل بيرل بندوق سان فائرنگ ڪري ڏني،کدڙن فقيرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. پوليس فائرنگ ڪندڙ نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو. جيڪب آباد جي دِلا مارڪيٽ ۾ واقع کدڙن فقيرن جي گھرن مٿان نشي ۾ ڌت نوجوان وقار فائرنگ ڪئي ته کدڙن فقيرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.نشي ۾ ڌت نوجوان جي ھڪ ھٿ ۾ ڊبل بيرل بندوق ۽ ٻي ھٿ ۾ ڪارتوسن جو ٿيلھو کنيل ھو ۽ کدڙن مٿان گارين جو وسڪارو ھو. صبح سوير ٿيل ھي فلمي منظر ڏسڻ لاءِ  وڏي انگ ۾ ماڻھو گڏ ٿي ويا.ان موقعي تي ٽاور پوليس چوڪي جا اھلڪار پھچي نشي ۾ ڌت نوجوان وقار کي بندوق سميت گرفتار ڪري چوڪي ۾ لاڪ اپ ڪيو ويو آھي پوليس بالي کدڙي کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي خبر ناهي ته وقار اسان مٿان ڇو فائرنگ ڪئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو