ڏکڻ افريقا ڀارت کان به هارائي ويو، لڳاتار ٽئين شڪست

ڏکڻ افريقا ڀارت کان به هارائي ويو، لڳاتار ٽئين شڪست

همپشائر(م ڊ) ڏکڻ افريقا جي بدقسمتي ورلڊ ڪرڪٽ ڪپ جي ميچ ۾ ڀارت کان به هارائي ويو، جيڪا سندن ٽئين لڳاتار شڪست آهي. اڳ ۾ انگليند ۽ بنگلاديش کان هارائي چڪو آهي. ڏکڻ افريقا ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 50 اوورز ۾ 9 وڪيٽن تي 227 رنسون ٺاهيون. مورس 42، فيلڪوايو 34، ملر 31، ڪپتان ڊوپليسس 38 تي آئوٽ ٿي ويا ۽ ربادا 31 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. ٻئي اوپنر املا ۽ ڊي ڪوڪ ترتيبوار 6 ۽ 10 رنسون ٺاهي جلدي آئوٽ ٿي ويا. ٻنهي کي بومرا آئوٽ ڪري پريشر ۾ آندو ڀونيشور ڪمار به ٻه وڪيٽ ورتيون جڏهن ته ليگ اسپنر چهل 4 وڪيٽون ورتيون جن مان ٻه وڪيٽون هڪ اوور ۾ حاصل ڪيون. ڏکڻ افريقا کي اي بي ڊويلئرجي سخت کوٽ محسوس ٿي. ڀارت جو به آغاز سٺو نه هو شيکر ڌون 8، ڪوهلي 18، راهول 26 ۽ ڌوني 34 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويا پر روهت شرما 144 بالن تي 122 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ مين آف دي ميچ رهيو. ڏکڻ افريقا روهت سميت اهم ڪيچ به ڊراپ ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو