ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار تي 3 لک ڏنڊ ۽ عمر قيد

گهوٽڪي (عرفان علي سومرو ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ گهوٽڪي جي عدالت چرس رکڻ جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد ۽ 3 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، گهوٽڪي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ 25 ڪلو چرس هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري. ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت جوابدار نسيم اچڪزئي  کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمرقيد ۽ 3 لک رپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت پاران سزا ٻڌائڻ بعد جوابدار کي سکر سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو