ڌوني جي گلوز تان فوجي ڪمانڊوز جو نشان هٽايو

نئين دلي(م ڊ) انٽرنيشنل ڪرڪٽ ڪائونسل ڀارتي ڪرڪٽ بورڊ کي چيو آهي ته مهيندرا سنگهه ڌوني کي پاتل گلوز تي ڀارت فوج جي ڪمانڊوز جو نشان هٽايو وچي. اهو نشانن ڀارت جي پيراشوٽ رجمينٽ جي فخر جي علامت آهي ۽ اربع تي سندن ميچ دوران ڏٺو ويو هو. پرن واري خنجر جو اهو نشان ڌوني ان ڪري استعمال ڪيو جو هن کي ان رجمينٽ ۾ 2011 ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جو اعزازي عهدو ڏنو ويو هو ۽ هن 2015 ۾ خصوصي ٽريننگ به ڪئي هئي.

آءِ سي سي جي استريٽجڪ ڪميونيڪيشن مينيجر مس ڪليئر فرلونگ ٻڌا يو ته هن ڀارتي ڪرڪٽ بورڊ کي نشان هٽائڻ جو چيو آهي. ياد رهي ته ڀارتي ڪرڪٽ ٽيم گذريل مارچ ۾ آسٽريليا سان کيڏيل ون ڊي ميچ ۾ ڪيموفلاج ڪيل ٽوپيون پلوامه حملي ۾ مارجي ويل فوجين سان همدردي ۾ پاتيون هيون، جنهن تي انڊين ميڊيا مٿن تنقيد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو