ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوريءَ جي ايم اين اي شپ ڪالعدم قرار

ڪوئيٽا (ڊيسڪ نيوز) اليڪشن ٽربيونل پاران قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 265 تي ٿيل چونڊ بابت پٽيشن جي ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو ڏنو آهي ته تڪ تان چونڊيل محمد قاسم سوريءَ جي رڪنيت کي ڪالعدم ڪيو وڃي ٿو. واضح رهي ته محمد قاسم سوري ايم اين اي ٿيڻ بعد ايوان اندر ٿيل چونڊ وسيلي قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر مقرر ٿيو. بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جي اڳواڻ لشڪري رئيساڻيءَ طرفان قاسم سوريءَ جي ڪاميابيءَ خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي هئي. پٽيشن مڪمل ٿيڻ بعد اليڪشن ٽربيونل جمعي ڏهاڙي فيصلو ٻڌائيندي قاسم سوريءَ جي ايم اين اي شپ ختم ڪندي تڪ تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو