پوليس مقابلو، 3 ڌاڙيل مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد

ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ)ڊيرا غازي خان ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلي ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا، جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار به شهيد ٿي ويو.پوليس موجب ڪوٽ مبارڪ واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس لادي گينگ جي اهلڪارن جي موجودگي تي ڪارروائي ڪئي، جڏهن پوليس پهتي ته ڦرلٽ شروع ٿي وئي.اختيارين موجب پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو