ڊي جي آءِ ايس آِ کي تبديل ڪرڻ جون خبرون افواهه آهن،فوجي ترجمان

راولپنڊي (بيورو رپورٽ) طاقت جو استعمال رڳو رياست جي صوابديد آهي، ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف اثرائتي آپريشنز ڪري رياست جي رٽ بحال ڪري ڇڏي، قبائلي علائقن کي به قومي ڌارا ۾ آندو ويو، ٽيرر اِزم کان ٽوئرزم تائين سفر انتهائي ڏکيو هو، 23 مارچ تي ڀرپور قومي جوش سان يومِ پاڪستان پريڊ ڪئي ويندي، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پاڪستان مخالف بيانيي کي ڪاميابي سان شڪست ڏني وئي آهي، گوادر، قبائلي علائقا  ۽ ڪي ٽو دُنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن،  اتي دهشتگردي ختم ٿيڻ بعد سان اقتصادي ۽ سياحتي سرگرميون شروع ويون آهن، افغانستان ۾ امن سان پاڪستان جو امن سلهاڙيل آهي، افعانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان هر قسم جو ڪردار ادا ڪيو آهي، چمن بارڊر تي ٽرانزٽ ٽريڊ کي جلد فعال ڪيو ويندو، اڃا کوڙ سارو ڪم رهيل آهي، راولپنڊي ۾ نيوز ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن رد الفساد کي 4 سال پورا ٿي ويا آهن، هن آپريشن جو دائرو سڄي پاڪستان تائين وڌايو هو ۽ هر پاڪستاني اُن جو حصو رهيو. آپريشن سبب ٽيررازم کان ٽوئرازم تائين پهتا آهيون. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا. آپريشن نيشنل ايڪشن پلان تي عمل جو حصو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊِ جي آِءِ ايس آءِ کي تبديل ڪرڻ جون خبرون بيبنياد آهن، فوج ۾ ڪنهن به اداري جي سربراهه جي پوسٽنگ ٻن سالن لاءِ هوندي آهي ۽ هو مدت مڪمل ڪندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو