ڊينگي سبب گهوٽڪي واسي اٺون مريض فوت

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) ڊينگي جو علاج اڻ لڀ فوتين جو انگ 8 ٿي ويو، ڳچ ڏينهنِ  کان گهوٽڪي ۾ به ڊينگي وائرس ڪاهي پيو آهي جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جو علاج هلندڙ آهي. ڳوٺ بادل مگسي جو رهواسي  گھر جو اڪيلو ڪمائيندڙ  19 ساله نوجوان محمد رمضان مگسي جنهن جو علاج ڊينگي وائرس سبب جناح اسپتال ڪراچي ۾ هلندڙ هو، زندگي جي جنگ هارائي ويو، واضع رهي ته گهوٽڪي اسپتال توڙي سکر اسپتال ۾ ڪي به جوڳا اپاءَ ۽ ڊينگي وائرس جي علاج جون سهولتون موجود نه آهن جنهن ڪري وقت سر علاج نه ٿو ٿي سگهي. ڊينگي بخار سبب نوجوانن توڙي اڌڙوٽ عمر جي ماڻهن جا پليٽيليٽس پنجاھ هزار کان به گهٽجي وڃن ٿا ان بعد کين ڊينگي جو شڪ ڏيکاري ريفر ڪيو وڃي ٿو جيڪي آخر ڪار موت جي ننڊ سمهي رهن ٿا. سنڌيار سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر شمس دين ڪلوڙ  ٻڌايو ته نارمل ماڻهو جا پليٽيليٽس گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ لک ۽ وڌ ۾  وڌ چار لک تائين هجڻ گهرجن جيڪڏهن ڊينگي وائرس سبب اهي گهٽجڻ شروع ٿين ٿا ته متاثرن کي گهرجي ته شروعاتي ڏينهن ۾ ئي  پپيتي جي وڻ مان پن پٽي انهن پنن کي پيهي رس پيئي ۽ پپيتي جو جوس به کيس پيئڻ گهرجي،  ليمي جي رس پاڻي ۾ ملائي شربت پيئڻ ۽ چقندر جي رس ڪمند جي جوس سان ملائي پيئڻ گهرجي پليٽيليٽس پاڻمرادو وڌڻ شروع ٿي ويندا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽن ڏينهن تائين اهو عمل ڪرڻ سان متاثر موت جي منهن مان ٻاهر اچي سگهي ٿو،  ان سان گڏو گڏ جيڪي ماڻهو کليل آسمان هيٺ سمهن ٿا انهن کي گهرجي ته ڄاري هڻي سمهن، گهر ۾ يا گهر  جي آس پاس بيٺل پاڻي جي دٻن تلائن کليل نالي توڙي گٽرن کي ڍڪ ڏيارڻ انهن ۾ اسپري ڪرائڻ چونو هارڻ سان بچاءُ ممڪن بڻجي سگهي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو