واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي عدالت جي جج اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فراڊ ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو.جج آرٿر نگورن چيو ته اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ سندس ڪمپني پنهنجي اثاثن جي قيمت کي وڌايو.آمريڪي جج فيصلو ڏنو ته ٽرمپ اهو ثابت نه ڪري سگهيو ته سندس ملڪيتن مان ڪو خريديندڙ سعودي عرب ۾ موجود هو.پراپرٽيز جيڪي عدالت ۾ وڌيون ويون انهن ۾ مار اي لاگو، پارڪ ايونيو تي هڪ عمارت، ٽرمپ ٽاور ۾ هڪ پينٽ هائوس ۽ ويسٽ چيسٽر ڪائونٽي ۾ هڪ ملڪيت شامل آهن.نيويارڪ جي اٽارني جنرل ليٽيا جيمز الزام لڳايو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي اثاثن ۾ 2.2 بلين ڊالر جو اضافو ڪيو آهي ته جيئن بهتر بزنس ڊيل حاصل ڪري سگهجي، جڏهن ته ٽرمپ جي وڪيلن دعويٰ ڪئي ته اڳوڻي صدر اثاثن جي قيمت صحيح بيان ڪئي هئي ۽ اها ئي قيمت آهي جنهن کي ٽرمپ هڪ بصيرت جي نظر سان محسوس ڪيو. عدالت ڊونلڊ ٽرمپ جي درخواست رد ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي، اڳوڻي صدر ٽرمپ ۽ سندس ڪاروباري ساٿين خلاف ڪيس سومر تي عدالت ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
