ڊرگهه بالا جي ڳوٺاڻن جو چونڊيل نمائندن خلاف احتجاج

ڊرگھ بالا(جي ايم لنڊ) جوھي تعلقي جي  يوسي ڊرگھ بالا جي ڳوٺن رئيس جعفرخان لنڊ ۽ اميربخش لنڊ جي رهواسين بنيادي سهولتن جي کوٽ، امدادي سامان جي ورهاست ۾ پنهنجا نوازي ڪرڻ ۽ چونڊيل نمائندن جي مبينه بدعنوانين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. رئيس ذوالفقار لنڊ شڪلاڻي، ايم اعظم لنڊ، مسمات ميرزادي ۽ مسمات جمالان جي سربراهي ۾ جلوس ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هو پيپلز پارٽي جا ووٽر آهن ۽ پارٽي ايم اين اي رفيق احمد جمالي، ايم پي اي سيد غلام شآھ جيلاني ملڻ لاءِ تيار ناهن. اسان جا رستا ٽٽل آهن، پيئڻ جو پاڻي ناهي، عورتون ۽ ٻار پري پري کان پاڻي ڀري ٿا اچن. هنن الزام هنيو ته ترقياتي فنڊز مان چونڊيل نمائندا پنهنجامحل پيا اڏائن. يوسي جي غريبن لاءِ آيل ڪروڙين روپين جو سامان سولر پليٽون، پکھآ، سلائي مشينون ۽ ٻيو سامان ويجھن مائٽن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ ڪجهه سامان سندن واٺا جوھي دادو جي دوڪانن تي کپائي پيا. مظاهرين چيئرمين نيب کان گھر ڪئي ته جاچ ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو