ٻن ڏينهن ۾ سڀ ملزم گرفتار نه ٿيا ته پاڻ ساڙيندس، الله رکيو لنڊ

ميرپورماٿيلو(رپورٽ ظھير وسير) پي ٽي آءِ اڳواڻ افتخار خان لنڊ پاران ويگن ڊرائيور جي ويهڪ واري جاءِ ۾ لوهي راڊ وجهي تشدد ڪرڻ بعد سندس حالت خراب ٿي وئي آهي ۽ کيس گمبٽ منتقل ڪيو ويو آهي. الله رکيو ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ايف آءِ آر ۾ نامزد سمورا جوابدار ٻن ڏينهن ۾ گرفتار نه ٿيا ته گمبٽ اسپتال سامهون پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندس. هوڏانهن اطلاعن موجب پوليس ٻن نامزد ملزمن شفيق ۽ ممتاز کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ سندن گهر به ڊاهيا آهن. علائقي ۾ چوٻول آهن ته افتخار لنڊ پنجاب فرار ٿي ويو آهي پر ان جي سرڪاري طور تصديق ناهي ڪئي وئي. پوليس افتخار لنڊ جي بدران سندس وڏي ڀاءُ وقار لنڊ کي گرفتار ڪيو پر بنا لاڪ اپ جي کيس خالد خان لنڊ جي فون تي آزاد ڪيو ويو. متاثره ڌر پڻ وقار لنڊ جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندي چيوهو ته اصل جوابدار افتخار لنڊ کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ وقار لنڊ کي آزاد ڪيو وڃي. ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد وڏي وزير نوٽيس وٺندي ڪمشنر سکر کان رپورٽ طلب ڪئي هئي. 30 اپريل تي خانپور مهر ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايڇ او خانپور مهر چار موبائيلون ساڻ ڪري ملزمن جي گرفتاري لاءِ ويوهو پر نامعلوم سبب ڪري بنا ڇاپي ۽ گرفتاري جي اڌ مان واپس موٽي آيوهو. جوابدار افتخار لنڊ ۽ ٻيا نورآباد ۾ موجود هئا پر پوليس بنا ڇاپي موٽي آئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته افتخار لنڊ وزيراعظم عمران خان ۽ جهانگير ترين سان رابطو ڪيو آهي. ان کان اڳ خانپور مهر ٿاڻي تي افتخار احمد خان لنڊ ۽ سندس ملازمن شفيق، رفيق، ممتاز ۽ ٻن ٻين اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. گذريل ڏينهن ميرپور ماٿيلو ويجهو لنڊ برادري جي هڪ سردار۽ پي ٽي آءِ گهوٽڪي جي اڳواڻ افتخار احمد خان لنڊ جو پنهنجي ڊرائيور تي وحشياڻي تشدد جي خبر سامهون آئي هئي ۽ ويڊيو به وائرل ٿي هئي.. جنهن موجب ڊرائيور الله رکيو جي ويهڪ واري جاءِ ۾ لوهي راڊ وجهي مٿس تشدد ڪيو هو. زخمي شخص الله رکيو لنڊ کي سول اسپتال ميرپور ماٿيلو ۾ داخل ڪيو ويو. متاثره شخص الله رکيو لنڊ الزام هنيو ته هو سردار افتخار خان لنڊ جو ڊرائيور آهي، گاڏي خراب ٿيڻ بعد هن منشي شفيق لنڊ کي گاڏي ٺهرائي ڏيڻ جو چيو ته هن گارگند ۽ مارڪٽ ڪئي، بعد ۾ منشي سردار افتخار کي دانهن ڏني، هن ٻڌايو ته سردار افتخار لنڊ مونکي بنگلي تي گهرائي تشدد جو نشانو بڻائي ويهڪ واري جاءِ ۾ لوهي سيخ وجهي رتو رت ڪيو. هوڏانهن خالد احمد خان لنڊ ان واقعي جي مذمت ڪندي ملزمن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو