ڊاڪٽر جي غير موجودگي سبب، بجلي جو جهٽڪو لڳل ٻارڙي فوت

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار) ڊيوٽي ڊاڪٽرطارق چاچڙ جي غير موجودگي سبب بجلي جي ڪرنٽ لڳل 12 سالا ٻارڙي ساجدہ جلالي اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. وارثن موجب نينگري کي گهر ۾ پاڻي جي موٽر مان بجلي جو جهٽڪولڳو جنهن کي فوري طور تعلقہ اسپتال پنوعاقل آندو ويو جتي ڊاڪٽر ڊيوٽ تي موجود نہ هو. ٻارڙي اسپتال ۾ تڙپندي رهي وارث مجبور ٿي ٻارڙي کي هڪ ٻئي سرڪاري ڊاڪٽر جي گهر کڻائي ويا جتي

ڊاڪٽر پاران اهو چئي ڪري ٻارڙي کي تعلقہ اسپتال واپس اماڻيو ويو تہ مان ڊاڪٽر طارق چاچڙ کي فون ڪري چوان ٿو اهو تعلقہ اسپتال اچي ٻارڙي جو اعلاج ڪري ٿو. جنهن کان پوءِ ٻارڙي کي واپس تعلقہ اسپتال آندو ويو جتي ٻارڙي فوت ٿيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر طارق چاچڙ اسپتال پهتو. جنهن تي فوتي ٻارڙي جي وارثن ۽ ڊاڪٽر وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي پئي جنهن جي ڪوريج ڪرڻ تي ڊاڪٽر لياقت سميجو ڪاوڙ ۾ اچي صحافين سان بدتميزي ڪئي ڌمڪيون ڏيندي صحافين کان ڪيمرا کسي ورتي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو