ڊالر 279 رپيا 10 پئسا ٿي ويو،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر سستو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 10 پئسا سستو ٿيڻ بعد 279 رپيا 10 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 279 رپيا 20 پئسا تي هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار ۾ واڌ جو رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 208 پوائنٽس وڌي 63514 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 63 هزار 305 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو