ڊالر جي مٿانهين اڏام سون 900 رپيا سستو

ڪراچي (رپورٽر) ڊالر جي مٿانهين اڏام، سون 900 رپيا سستو، ان ڏس ۾ سنڌ جي مختلف شهرن جون صرافه بازارن ڪورونا صورتحال سبب بند رهيون، ڪالهه سون 900 رپين جي لاٿ سان 104800 مان گهٽجي 103900 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1360رپيا في تولو تي بيٺل رهي، ٻئي طرف ڊالر 50 پئسا واڌ سان 154 مان 154.5 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا واڌاري سان 214 مان 214.5 رپين تي پهتو، هوڏانهن يورو 50 پئسا لاٿ سان 185.5 مان 185 رپيا ٿي ويو

پهنجو تبصرو موڪليو