اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي.ان موقعي تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته آمريڪا سان اقتصادي ۽ واپاري محاذ تي گهرا تاريخي ۽ پائيدار لاڳاپا آهن.ناڻي واري وزير آمريڪي سفير کي آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح جي معاهدي جي ڪاميابي تي بريفنگ ڏني.اسحاق ڊار آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم کي حڪومت جي اقتصادي پاليسين ۽ معاشي استحڪام بابت ترجيحن کان آگاهه ڪيو.آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم معاشي استحڪام لاءِ پاڪستان حڪومت جي پاليسين ۽ پروگرامن تي اعتماد جو اظهار ڪيو.آمريڪي سفير ٻطرفي اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ سهڪار جو به يقين ڏياريو.ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻنهي ملڪن جي موجوده ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهه ٻولهه ۾ آمريڪا جي سهڪار کي ساراهيو.اسحاق ڊار آمريڪا سان ٻطرفن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي خواهش جو اظهار پڻ ڪيو.
