ڇهن مهينن ۾ 1489 ٻار جنسي ۽ جسماني تشدد جو شڪار، ساحل

سکر(بيورو رپورٽ)ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي خلاف ڪم ڪندڙ تنظيم  ساحل پنهنجي رپورٽ ۾ پڌرو ڪيو آھي ته هلندڙ سال جي 6 مھينن جنوري کان جون تائين هڪ هزار 489 ٻارڙن سان جنسي ڏاڍ جا واقعا ٿيا. ساحل سنڌ جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر برڪت علي انصاري ليگل ايڊوائيزر ايڊووڪيٽ ارشاد گهانگهرو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي  ٻڌايو  ته پاڪستان ۾ ٻارن سان ٿيندڙ جنسي تشدد ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي . گذريل 6 مھينن دوران پاڪستان ۾ 1489 ٻارن سان جنسي زيادتي جا واقعا رپورٽ ٿيا، ھي اُھي رپورٽيڊ ڪيس آھن جيڪي پاڪستان جي 84 لوڪل ۔  نيشنل ۽  روزاني اخبارن ۾ شايع ٿيا آھن. جنھن مان واضح ٿو ٿئي ته پاڪستان ۾ تقريبن 8 ٻار روزانو جنسي تشدد جو شڪار ٿين ٿا. ٽوٽل 1489 ٻار جن ۾ 704 ڇو ڪرا  ۽ 785 ڇو ڪرين کي جنسي حوس ۽ زيادتي جو شڪار بڻايو ويو. ڇوڪرين جا رپورٽيڊ ڪيس ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آھن. جنسي زيادتي جي ھنن ڪيسن ۾ 331 ٻارن کي اغوا ڪيو ويو. 160ڇوڪرين ۽ 233 ڇوڪرن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. 69 ڇوڪرين ۽104 ڇوڪرن کي اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. 12 ڇوڪرين ۽ 13 ڇوڪرن کي ڏاڍائي بعد قتل ڪيو ويو. 12 ڇو ڪرين ۽ 1 ڇوڪر کي اغوا بعد جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي. 12ڇو ڪرين ۽ 7 ڇوڪرن کي اغوا بعد اجتمائي ڏاڍائي جو نشانو بنايو ويو.جڏهن ته  134ڇوڪرين ۽  93  ڇوڪرن کي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي وئي. انگن اکرن مطابق 1489 ٻارن سان جنسي زيادتي ڪندڙ فردن جو تعلق مختلف پيشن ۽ شعبن سان آھي، جن مان   822  جوبدار اُھي ھيا جن کي ٻار پھريان سڃاڻندا ھيا. 234 غير واقف ڪار . پاڙيسري 40 ، مائٽ 22 ، استاد 14 ۔پوليس 1 ، مولوي 18 ۽ ٻيا شامل آھن.جن ٻارن کي جنسي تشدد جو نيشانو بنايو ويو انھن ۾ 1 کان 5 سالن جي ڄمار جا  98  ٻار ، 6 کان 10 سالن جي ڄمار جا 331  ٻار، 11 کان 15 سالن جي ڄمار جا  490 ٻار، 16 کان 18 سالن جا 165  ٻار شامل آهن ۽ ٻين جن ٻارن جون  عمريون رپورٽ  نـ آهن انهن جو تعداد 405 آهي. پاڪستان ۾ سڀ  کان وڌيڪ ڪيس پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٿيا . پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 853 ٻئي نمبر تي سنڌ ۾ 477 ڪيس رپورت ٿيا. وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد ۾ به 35 ڪيس رپورٽ ٿيا اهڙي ريت  خيبر پختونخواھ 91 ، بلوچستان 22  ، آزاد ڄمون ڪشمير ۾  10 زيادتي جا ڪيس رپورٽ ٿيا. پاڪستان ۾ شهرن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس  ڳوٺن ۾ 62 سيڪڙو رپورٽ ٿيا ۔ شھرن ۾ 38 سيڪڙو رپورٽ ٿيا آھن برڪت انصاري جو وڌيڪ چوڻ ھو ته جنسي زيادتي جا واقعا جن جڳھن ، جاين ۾ ٿيا ، انھن ۾سڀ کان وڌيڪ ڪيسن جي جاين جي جڳهه واضع نـ هئي جن جو تعداد  604 آهي. ٻئي نمبر تي سڃاڻ واري   جڳهه 395 ڪيس،  متاثر ٻار جي پھنجي گھر ۾ سندن والدين جي غير موجودگي ۾ 160 ڪيس   ٿيا. ان کانسواء ، 50 زمين تي،  107 گھٽي ۾،11  اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ، 16 ڪم ڪرڻ واري جڳهه، 31 جهنگ ۾ ڪيس ٿيا. اخبارن   مطابق 1489 وا قعن ما ن  1340 ڪيس پوليس وٽ رجسٽرڊ ٿيا آھن 135 ڪيسن جي ڄاڻ نه ملي سگھي ۽ 7 ڪيس رجسٽرڊ نه ٿي سگھيا آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو