ڇتن ڪتن جو آزار، ويڪسين اڻلڀ، ڳوٺاڻن جو احتجاج

ميرپورماٿيلو(اظهر وسير)ميرپورماٿيلو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ڳوٺ جروار، ڳوٺ ڳڙهي، ڳوٺ حيات پتافي، دادلغاري، ڳوٺ غلام حسين لغاري سميت ڪيترن ئي ڳوٺن اندر ڇتن ڪتن رڻ ٻاري ڏنو آهي جڏهن ته روزانو ماڻهو ڇتن ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب اسپتالن ۾ اچڻ لڳا آهن جڏهن ته ان موقعي تي ڇتن ڪتن جي آزار سبب ميرپورماٿيلو پي پي ايڇ آئي اسپتال ٻاهران مختلف ڳوٺن ڳوٺ حيات پتافي، دادلغاري، ڳوٺ غلام حسين لغاري جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو ان موقعي تي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال عملي ۽ سنڌ حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي جڏهن ته ان موقعي تي مختلف ڳوٺن جي رهواسي مظاهرين صحافين آڏو ڌانهيندي چيو ته گهوٽڪي ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ ڇتي ڪتي جي ويڪسين ناهي ڇتن ڪتن جي آزار سبب اسين گهرن تائين محدود ٿي ويا آهيون هنن وڌيڪ چيو ته ڇتن ڪتن جي چڪ سبب روزانو ماڻهون اسپتال اچن ٿا پر مريضن کي ڇتن ڪتن جي ويڪسين کان بغير واپس موٽايو ٿو وڃي جنهن ڪري پري پري کان ايندڙ رهواسي مايوس واپس موٽڻ تي مجبور آهن هنن حڪومت سنڌ ۽ صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن کان پرزور مطالبو ڪيو ته ڪتا مار مهم شروع ڪري اسپتالن اندر ڇتي ڪتي جي ويڪسين کي يقيني بڻايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو