ڇا گلوڪارا دعا ملڪ کي به روحاني رنگ لڳي ويو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ گلوڪارا دعا ملڪ به پنهنجي ڀاءُ فيروز ملڪ جي رستي تي هلي پئي آهي. اداڪار فيروز ملڪ تازو شوبز جي دنيا کي ڇڏي روحاني رنگ وارو رستو اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. فيروز ملڪ جو ڊرامو “عشقيه” هن وقت اي آر واءِ تي هلندڙ آهي. دعا ملڪ شوبز کي الوداع ڪرڻ جو اعلان ته نه ڪيو آهي پر حجاب پاتل تصوير پنهنجي انسٽا گرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي آهي.

https://www.instagram.com/p/B96pR9zgZ3E/?utm_source=ig_embed

سندس ننڍي ڀيڻ حميمه ملڪ ٽوئٽ ۾ سندس لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي چيو آهي هن سدائين کيس سپورٽ ڪيو آهي. دعا ملڪ 2014 ۾ گلوڪاري شروع ڪئي هئي ۽ 2018 ۾ “خفا خفا زندگي” واري ڊرامي ۾ اداڪاري ڪندي مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو