ڇا وزيراعظم زالن ۽ ٻارن جي ملڪيت ظاهر ڪئي آهي، جج جوسوال

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ جي جسٽس فائز عيسيٰ صدر عارف علوي کي هڪ ٻيو خط لکي ريفرنس جي ڪاپي طلب ڪئي آهي. 8 صفحن جي خط ۾ جج صاحب اهم سوال پڻ اٿاريا آهن ۽ قانوني ماهرن جو خيال آهي ته اهو ريفرنس جو هڪ لحاظ کان جواب آهي. جج صاحب چيو آهي ته منهنجا ٻه ٻار تعليم مڪمل ڪرڻ بعد لنڊن م پنهنجي جيون ساٿين سان گڏ رهن ٿا۽ ٽي جائيدادون سندن ملڪيت آهن، اهي جعلي ايڪسپورٽ، ٽرسٽ يا ڪنهن آف شور ڪمپني ذريعي خريد ناهن ڪيون ويون. هن چيو ته جڏهن کان هن بطور جج نوڪري جوائن ڪئي ان وقت کان قانون موجب هو ٽيڪس ڀريندو آهي ۽ گوشوارا به جمع ڪرائيندو آهي. هن مهل تائين سندس خلاف ڪا بقايا جات ناهي، انڪم ٽيڪس يا ڪنهن ٻئي اداري نه کيس ڪو نوٽيس ڏنو آهي ۽ نه ئي ڪٿي ڪو ڪيس هلندڙ آهي. هن چيو ته ڇا وزيراعظم پنهنجي گهر وارين ۽ ٻارن جي نالي ملڪيت گوشوارن م ظاهر ڪئي آهي؟ هن چيو ته جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ شايد هن صدر مملڪت کي ريفرنس داخل ڪرڻ جي صلاح به نه ڏني هجي. هن چيو ته حڪومتي ايجنٽ اڌ سچ بيان ڪري سندس ڪردار ڪشي ڪري رهيا آهن ۽ کيس فيئر ٽرائل جي حق کان محروم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بطور جج هن آئين تي عمل ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي ۽ هو غير آئيني قدمن جي مخالفت ڪندو. هن چيو ته عدليه جي آزادي کانسواءِ شهرين کي بنيادي آئيني حق نٿا ملي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو