ڇا سائنس انسان کي ٻيھر زندہ ڪرڻ کي ممڪن بڻائي سگهندي؟

ليکڪ  جاويد سولنگي

انسان پنھنجي ارتقا جي شروعات کان وٺي ھميشہ زندہ رھڻ واري گُرَ جي ڳولا ۾ مصروفِ عمل رھندو پيو اچي، ان عمل جا آثار اسان کي سڀ کان پھريان مصر ۾ لاش کي ھنود ڪرڻ جي صورت ۾ ملن ٿا، ھن قديمي ھنود طريقي جو مقصد لاش کي ڪيترن ئي سالن تائين محفوظ رکڻ ۽ وري ٻيھر زندہ ٿيڻ جي اميد تحت ڪيو ويندو رھيو. اڄ جي جديد سائنس ۽ آثارِ قديمہ جا ماھر ھزارن سالن جي عرصي کان پوءِ بہ لاش جي عضون کي محفوظ ڏسي تعجب ۾ ورتل نظر اچن ٿا. اسان جنھن دور ۾ رھون ٿا ان ۾ سائنس تمام گهڻي ترقي ڪئي آھي ۽  ڏينھون ڏينھن جدد ايندي رھي ٿي. انسان نما روبوٽس جي ايجاد کان ويندي ڪائنات جي دوڙانھن منزلن تائين رسائي سائنس جي ترقي جو ھڪ بھترين مثال آھي. سائنس انسان کي امر بنائڻ لاءِ ھر ڏھاڙي نيون تخليقون ڪندي رھي ٿي، ان ۾ انسان جي ھميشہ زندہ رھڻ واري خواب کي حقيقت جو عملي جامو پارائڻ بہ شامل آھي. ڇا حقيقت ۾ سائنس ان حد تائين ترقي حاصل ڪري ورتي آھي جو مرڻ کان پوءِ ٻيھر ڪنھن انسان کي زندگي عطا ڪري سگهي؟ ھن سوال جو جواب اڃا تائين ناڪاري ملي ٿو، پر ان جي حاصلات لاءِ ڪوشش ڏسڻ ۾ اچي ٿي، تازو ئي برطانيہ ۾ ھڪ لاعلاج بيماري جو شڪار 14 سالن جي ڇوڪري پنھنجي مرڻ کان پھريان ان حوالي سان قانوني لڙائي ۾ سوڀ حاصل ڪري ورتي ۽ گذريل سال آڪٽوبر مھيني ۾ ڇوڪريءَ جي مرڻ کان ستت ئي ان جي جسم کي سائنسي طريقي سان ھنود يا ڄمائڻ يا (فريز) ڪرڻ لاءِ آمريڪا آندو ويو تہ جئين جسم کي ھنود ڪري ان کي ٻيھر زندہ ڪرڻ لائق بڻائي سگهجي. ان مقصد جي لاءِ سڀ کان پھريان جسم کي موت جي ترت ئي سائنسي طريقي  سان اھڙي طرح ھنود ڪيو وڃي ٿو تہ جئين انساني دماغ  جي ٽشوز کي آڪسيجن جي گهٽائي سبب خراب ٿيڻ کان بچائي سگهجي. جسم جو گرمي پد گهٽائڻ لاءِ لاش کي ٿڌي پاڻيءَ سان غسل ڏيارڻ کان پوءِ ان مان رت کي مڪمل طرح سان خارج ڪري ”ڪريوپروٽيڪٽنٽ فلوئڊ“ نالي ڪيمائي مادي سان لاش ڀريو وڃي ٿو. ھي مادو جسماني عضون ۽ ٽشوز ۾ برف کي ڄمڻ ۽ ٽشوز کي تباھ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان کان پوءِ لاش جي گرمي پد کي ڪاٽو 196 ڊگري سينٽي گريڊ تائين آڻي مردہ جسم کي ھنود بڻايو وڃي ٿو. ان حد تائين گرمي پد جي ڪارڻ جسم کي ھنود ڪرڻ سان ان جي ٽشوز ۾ ٿيندڙ ڪيمائي عمل سست روي اختيار ڪري وٺي ٿو ۽ جسم کي پھچندڙ نقصان وارو امڪان گهٽجي وڃي ٿو. اميد اھا آھي تہ جسم کي ٿڌو ڪرڻ جي دوران ان کي ڪنھن بہ قسم جي نقصان يا ڪنھن بہ قسم جي بيماريءَ يا وڌندڙ عمر وارن مسعلن کي مستقبل ۾نينو ٽيڪنالوجي جي ذريعي درست ڪري سگهجي ٿو. دنيا ۾ آمريڪا ۽ روش ئي اھڙا مُلِڪَ آھن جتي ڪريونگ جينڪ پريزرويشن جي سھولت موجود آھي. ان مقصد لاءِ آمريڪا ۾ 150 ماڻھن پنھنجا مڪمل مردہ جسم مائع نائٽروجن ۾ ھنود ڪرائي ڇڏيا آھن، جڏھن تہ 80 ماڻھن فقط دماغ ۽ مٿو ھنود ڪرايو آھي. مڪمل جسم جي ھنود ڪرڻ تي ھڪ لک 60 ھزار جڏھن تہ صرف دماغ ۽ مٿي جي حفاظت تي 64 ھزار آمرڪي ڊالر خرچ اچن ٿا. ايتري خرچ ۽ مڪمل ماحول ھوندي بہ ھي ڪم ايترو آسان ناھي. بائيو ڪيمسٽري جي ماھرن جو چوڻ آھي ”انساني ٽشوز ۾ 50 ھزار پروٽين ۽ لکين فوٽن ۾ ماليڪيول ھجي ٿو. جيڪي ڪنھن بہ قسم جي ٽشوز ٺاھڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا، ڪريونگ پريزرويشن وارو عمل مٿي پوري عمل ۾ روڪاوٽ جوسبب بڻجي ٿو. دماغ ھي حوالي سان بہ ان ڳالھ جي اھميت آھي تہ ان ۾ ڪھڙي شيءِ کي درست ڪرڻ جي ضرورت آھي، خاص ڪري دماغ جو تنتي شرشتو تمام پيچيدا آھي، اسان کي ڊپ آھي تہ ھن عمل جي دوران ڪٿي دماغ جو ھي شرشتو پوري طرح تباھ نہ ٿي وڃي. جيڪڏھن ان عمل جا نتيجا انسان ۽ انسانيت جي بھتري جي مقصد تحت سرانجام ڏنا ٿا وڃن تہ پوءِ ان جي حاصلات لاءِ ڏينھن رات ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ جيڪڏھن ان عمل جا نتيجا مسقبل ۾انسان يا انسان ذات لاءِ ھاڃيڪار ثابٽ ٿين ٿا تہ پوءِ اھڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني.jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو