چين پاران پاڪستان ۽ ايران کي صبر کان ڪم وٺڻ جي اپيل

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ ايران طرفان حملي تي چين جي پرڏيهي وزارت جو بيان سامهون آيو آهي.ان حوالي سان چين جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ايران ۽ پاڪستان کي تحمل کان ڪم وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.چين جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته هو ڌرين تي زور ڏئي ٿو ته اهي اهڙين حرڪتن کان پاسو ڪن جن سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿئي.ٻنهي ملڪن کي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو