اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چين جو نائب وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو ميمبر هي ليفينگ سڀاڻي آچر (30 جولاءِ) تي پاڪستان پهچندو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان موجب چين جو نائب وزيراعظم 30 جولاءِ کان پهرين آگسٽ 2023ع تائين حڪومت پاڪستان جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته دوري دوران نائب وزيراعظم پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي 10هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو ۽ صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪندو، ان سلسلي ۾ هو خاص مهمان پڻ هوندو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم هي لائفنگ چين جي عالمي اقتصادي لاڳاپن ۽ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي تي عملدرآمد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن ۾ سي پيڪ هڪ اهم منصوبو آهي.
