چوڪ ماهي ۾ انڍڙ برادري جي ڌرين ۾ جهيڙو 7 ڄڻا قتل

گهوٽڪي (ن سنڌيار) سنڌ پنجاب جي دنگ واري علائقي  پنجاب جي ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي حد چوڪ ماهي ڀرسان پراڻي تڪرار تان انڍڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ ۾ غلام نبي انڍڙ، فاروق انڍڙ، پيربخش انڍڙ، شريف انڍڙ، منور انڍڙ سميت 7  ڄڻا مارجي ويا فائرنگ ۾ 2 ڄڻا پڻ زخمي ٿي پيا انڍڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙي دوران ڪيترائي ڪلاڪ فائرنگ جاري رهي جنهن سبب انساني جانين جو وڏو نقصان ٿي پيو واقعي بعد علائقي واسين پاڪ ڪتاب کڻي فائرنگ بند ڪرائي جنهن بعد مقامي ماڻهن ۽ ڪوٽ سبزل پوليس فوتين جا لاش ۽ زخمي کي صادق آباد اسپتال منتقل ڪيو جتي ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين رحيميارخان ۽ بهالپور نيو ويو جڏهن ته فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته ڌرين ۾ جهيڙو پراڻي تڪرار سبب ٻڌايو پيو وڃي، ڪوٽ سبزل پوليس موجب ته هڪ ڌر جي ماڻهن فائرنگ ڪري ست ڄڻا قتل ڪيا آھن، خبر فائيل ڪرڻ تائين واقعي جو ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو