چونڊن ۾ ڌانڌلين ۽ خلائي مخلوق جي مداخلت خلاف احتجاج جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسلامي سنڌ پاران سنڌ ۾ خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 08 فيبروري جي چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلين، سرڪاري مداخلت ۽ خلائي مخلوق پاران نتيجن کي تبديل ڪرڻ خلاف آچر11 فيبروري (اڄ) تي ڪراچي کان ڪشمور تائين ڀرپوراحتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊون پُرامن ضرور ٿيون، پر اليڪشن ڪميشن صاف شفاف ۽ اڻڌريون چونڊون ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جهڙي طرح سان حڪومتي ادارن جي سرپرستي ۾ ڌانڌلي، پولنگ اسٽيشنن تي قبضا ذريعي عوامي مينڊيٽ کي چوري ڪري نتيجا تبديل ڪرڻ انتهائي شرمناڪ عمل آهي. خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ عوام پاران رد ڪيل هڪ دهشتگرد ٽولي ۾ ٻيهر ساهه وجهڻ لاءِ پنجين نمبر تي هئڻ باوجود ڪامياب قرار ڏئي قاتل، نفرت جي پرچار ڪندڙ ۽ ٻوري بند لاش اُڇلائڻ واري جماعت کي پاڪستان جي معاشي حب ڪراچي مٿان مسلط ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي، عوام پنهنجي ووٽ تي ڌاڙي کي هرگز قبول ڪونه ڪندو. فارم45 مطابق نتيجن جو اعلان ڪرڻ بدران من پسند اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، اهڙو عمل جمهوري ۽ چونڊ روايتن خلاف سازش، ملوث ماڻهن خلاف تحقيقات ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي. جماعت اسلامي بدترين ڌانڌلي ۽ غنڊه گردي ذريعي نتيجن ۾ تبديلي خلاف ڀرپور احتجاج ڪندي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو