ڳڙهي ياسين (ن سنڌيار) ڊکڻ لڳ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين سڪندر چانڊيو ۽ حب علي چانڊيو ۾ تڪرار تان 2 ڄڻا قتل 3 عورتون شديد زخمي ، حب علي چانڊيو ڌر جي هٿياربندن عدالت ويندڙ سڪندر چانڊيو ڌر جي ٻن نوجوان وڌايو چانڊيو ۽ عرفان چانڊيو کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو،جڏھن ته 3 عورتون سسئي، بختاور خاتون ۽ مسمات بلقيس شديد زخمي ٿيون آهن، واقعي بعد سوين ماڻهو واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن، جڏهن ته ڊکڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ مديجي تعلقا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، واقعي بعد ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون ۽ هڪ ٻئي مٿان فائرنگ جو سلسلو به تيز ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ مقتولن جي سئوٽ دلبر چانڊيو ٻڌايو ته حب علي چانڊيو وارن اسان جا همراه قتل ڪيا آهن، ياد رهي ته ٻنهي ڌرين ۾ هن وقت تائين 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، ٻنهي ڌرين کي ٺاھ لاءِ علائقي جي سياسي سماجي ماڻهن وڏي ڪوشش ڪئي ۽ نواب سردار چانڊيو وٽ فيصلو به ٿيو پر تڪرار ختم نه ٿي سگهيو.جڏھن ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آھي، مقتول الهوڌايو ۽ عرفان چانڊيو جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.
ڪڪڙ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل
معيشت جي بهتري لاءِ سياسي يا انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪبو
’سي سي آءِ‘ جي جوڙجڪ، ناڻي جو وزير آئوٽ، ڊار اِن
پي ايس 80 تي پ پ اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري
بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو اعلان
ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب
غزه ۾ خوراڪ جي اڻڄاتل سپلائي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو حڪم
شاهه رخ ۽ مان هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا
پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29