چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 قتل 3 زخمي

ڳڙهي ياسين (ن سنڌيار) ڊکڻ لڳ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين سڪندر چانڊيو ۽ حب علي چانڊيو ۾ تڪرار تان 2 ڄڻا قتل 3 عورتون شديد زخمي ، حب علي چانڊيو ڌر جي هٿياربندن عدالت ويندڙ سڪندر چانڊيو ڌر جي ٻن نوجوان وڌايو چانڊيو ۽ عرفان چانڊيو کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو،جڏھن ته 3 عورتون سسئي، بختاور خاتون ۽ مسمات بلقيس  شديد زخمي ٿيون آهن، واقعي بعد سوين ماڻهو واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن، جڏهن ته ڊکڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ مديجي تعلقا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، واقعي بعد ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون ۽ هڪ ٻئي مٿان فائرنگ جو سلسلو به تيز ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ مقتولن جي سئوٽ دلبر چانڊيو ٻڌايو ته حب علي چانڊيو وارن اسان جا همراه قتل ڪيا آهن، ياد رهي ته ٻنهي ڌرين ۾ هن وقت تائين 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، ٻنهي ڌرين کي ٺاھ لاءِ علائقي جي سياسي سماجي ماڻهن وڏي ڪوشش ڪئي ۽ نواب سردار چانڊيو وٽ فيصلو به ٿيو پر تڪرار ختم نه ٿي سگهيو.جڏھن ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آھي، مقتول الهوڌايو ۽ عرفان چانڊيو جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

پهنجو تبصرو موڪليو