ڀڃ ڊاهه ڪيس: عمر ايوب ۽ زرتاج گل جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

ڀڃ ڊاهه ڪيس: عمر ايوب ۽ زرتاج گل جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف جي ريلي دوران ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن عمر ايوب ۽ زرتاج گل جي عبوري ضمانت ۾ 8 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.تحريڪ انصاف جي سنگهار ريلي دوران عمر ايوب ۽ زرتاج گل خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.اي ٽي سي جي جج ابوالحسن ذوالقرنين عمر ايوب ۽ زرتاج گل جي عبوري ضمانت جي ٻڌڻي ڪئي.عمر ايوب ۽ زرتاج گل طرفان وڪيل سردار ڀاڳيا ۽ آمنه علي عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت عمر ايوب ۽ زرتاج گل جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو