ڀت جي دعوت ۾ شرڪت ڇو نه ڪئي، ڀاڻيجن جو مامي تي تشدد

نوشھرو فيروز (ن س)مٺياڻي ڀرسان ڳوٺ مٺو پنهور ۾ ڀت جي دعوت ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي ڀاڻجن جو معذور مامي مٿان حملو ڳوٺ واران پهچي جهيڙو ٽاري ورتو مامي کي گهر خالي ڪري ڳوٺ مان نڪري وڃڻ جون ڌمڪيون, ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ مٺو پنهور ۾ شادي ڪاڄ ۾ شرڪت نه ڪرڻ تان ڀاڻجن ڄگهن کان معذور مامي جي گهر تي اچي حملو ڪري ڏنو معذور پيرسن احمد علي پنهور ٻڌايو ته منهنجا ڀاڻج نديم پنهور الهداد عبدالرزاق پنهور ۽ ٻين گهر ۾ شادي ڪاڄ ۾ شرڪت نڪرڻ تي تشدد ڪيو هن چيو ته ڀاڻجن سان گهر جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ آھي انهن ڀت ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جنهن ۾ مان شرڪت نه ڪئي جنهن تان مڇرجي پيا ۽ منهنجي گهر مٿان حملو ڪري مونکي ۽ گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ھاڻي گهر خالي ڪري ڳوٺ مان نڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ الزام هيٺ آيل نديم پنهور سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته مامو اسانجي حصي جي جڳھ ۾ ويٺل آھي جڏھن هن مرڻو پرڻو اٿڻ ويهڻ اسان سان ختم ڪري ڇڏيو آھي ته پوء اسانجي گهر ۾ ڇو ويٺل آھي اسان پنهنجو گهر خالي ڪرڻ جو چيو ته هن جا گهر ڀاتص اسان مٿان سان وڙھي پيا آھن جڏھن ته ٺاروشاھ پوليس ٻنهي ڌرين جو ڪچو ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڏني آھي ڪابه گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو