ڀرڪيو ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

ٽنڊو محمد خان( مظفر علي بروهي)شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حد  ڳوٺ حاجي شفيع محمد نظاماڻي ۾  25 ورهين جو نوجوان اجيت مينگهواڙ مبينا طور پنهنجي ئي گهر اندر ڳچي ۾ ڪپڙو ٻڌي  ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آھي اطلاع ملڻ  تي شيخ ڀرڪيو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي گهر اندر ٽنگيل لاش لاهي سول اسپتال  ٽنڊو محمد خان منتقل ڪري لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي شيخ ڀرڪيو پوليس موجب خودڪشي ڪندڙ نوجوان قرض ۾ مبتلا هو غربت سبب قرض ادا نه ڪري سگهيو جنهن سبب پريشاني ۾  خودڪشي ڪئي اٿس

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو