ڀارت ۾ ڪورونا جا وڌيڪ ساڍا ٽي لک ڪيس رپورٽ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 لک 50 هزار ڪيسز سامهون آيا آهن جڏهن ته وڌيڪ 2 هزار 760 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت جي اعليٰ ترين تعليمي ادارن ۾ به ڪورونا تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ صرف علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي جا 10 پوفيسر هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف آمريڪي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته ڀارت ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو اصل انگ مودي سرڪار طرفان ظاهر ڪيل انگ کان به وڌيڪ آهي.برطانوي ماهرن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته مئي جي پهرين هفتي دوران ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسز جو روزاني انگ 5 لک تائين ۽ فوتگيون 5700 تائين ٿيڻ جو امڪان آهي.برطانوي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ ڪورونا وبا اڃان عروج تي ناهي پهتي اڃان ته شروعات آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ ڀارت کي وڌيڪ خراب صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو