ڀارت ۾ عام چونڊن جو ٻيو مرحلوشروع، 20 رياستن ۾ 95 سيٽن لاءِ ساڍا پندرنهن ڪروڙ ووٽر سرگرم

نئين دلي(م ڊ) ڀارت ۾ عام چونڊن جو اڄ کان ٻيو مرحلو شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ جمون ۽ ڪشمير جي ڪجهه حصن سميت 12 رياستن ۽ يونين جي علائقن ۾ لوڪ سڀا جي 95 سيٽن لاءِ ساڍا پندرنهن ڪروڙ ووٽر نوان نمائندا چونڊيندا. پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي جنهن ۾ 20 رياستن جي 91 سيٽن لاءِ پولنگ ٿي چڪي آهي. مجموعي طور ڀارتي پارليمان جي 545 سيٽن لاءِ ستن مرحلن ۾ ٿيندڙ چونڊ عمل 39 ڏينهن جاري رهندو ۽ 23 مئي تي ڳڻپ شروع ٿيندي. ٻئي مرحلي ۾ ڀارت جي ڏاکڻي حصي ۾  اپوزيشن جي جماعت ڪانگريس ۽ سندس اتحادين لاءِ لازم آهي ته جيڪڏهن هو مودي سرڪار کان جان ڇڏائڻ چاهن ٿا ته ڪرناٽڪا ۽ تامل ناڊو ۾ کين بي جي پي کي هارائڻو پوندو. جيڪڏهن انهن ٻنهي رياستن ۾ کين ڪاميابي نه ملي ته مودي سرڪار جي جيت يقيني بڻجي ويندي. حڪمران ڀارتي جنتا پارٽي ٻيهر حڪومت ٺاهڻ لاءِ پراميد آهي. جڏهن ته ڪانگريس بي جي پي کي شڪست ڏيڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو