ڀارت ۾ سنڌ واسي 11 هندن جي قتل خلاف احتجاج

ٽنڊوباگو (رپورٽ: ڄام سھيل سمون) پاڪستان مان ڀارت لڏي ويل ڀيل برادري جي 11 ڀاتين جي قتل خلاف بدين ۾ آل هندو پنچائت طرفان منجي ڪاريو, ويرو مل لوهار, منجي لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بدين ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن دوران ڳالهائيندي هنن چيو ته ڀارت ۾ سنڌ جي 11 ڀاتين جي قتل ۾ دهشت گرد تنظيم را  ۽ ان جون حمايت يافته انتها پسند هندو تنظيمون ملوث آهن هنن وڌيڪ چيو ته 11 ڀاتين جي بي گناه قتل دنيا ۾ ڀارت جي نام نهاد وڏي جهموريت رياست ۽ انساني حقن جي پاسداري واري دعويٰ جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي ڀارت جو لڪيل چهرو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي مودي سرڪار 11 ڀاتين جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي انساني حقن جون تنظيمون به ان تي خاموش تماشائي بڻيل آهن  هنن چيو ته پاڪستان سرڪار طرفان 11 ڀاتين جي قتل تي آواز اٿارڻ جي باوجود ڀارت پاران ان جي جانچ پڌري نه ڪرڻ مان ظاهر آهي ته ڀارتي حڪومت ان قتلن ۾ ملوث آهي هنن 11 گهر ڀاتين جي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني قدم کڻي مقتولن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسلام آباد ۾ ڀارتي سفارت خاني اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو