ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب، 6 ڀارتي فوجي مارجي ويا،2 مورچا تباهه

راولپنڊي(ڊيسڪ نيوز) ڪنٽرول لائن تي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي جواب ۾ پاڪ فوج منهن ٽوڙ جواب ڏيندي فوجي آفيسر سميت 6 ڀارتي فوجين کي قتل ڪري ڇڏيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور موجب ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ايل او سي تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ تتا پاني سيڪٽر تي شهري آبادي کي نشانو بڻايو. 18 آگسٽ تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 7 سالن جو نينگر جيڪو زخمي ٿيو هو، سومر تي فوت ٿي ويو ۽ ان سميت 3 شهري شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي جوانن ڀارتي فوج کي ڀرپور جواب ڏيندي ڀارتي مورچن کي نشانو بڻايو، پاڪ فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڀارتي آفيسر سميت 6 ڀارتي فوجي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي به ٿي پيا. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي فائرنگ ۾ ڀارتي فوج جا 2 مورچا به مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن. پاڪستان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي کاتي ۾ طلب ڪري احتجاج نوٽ ڪرايو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چون آهي ته ڀارت کي 2003 ۾ ڪيل فائر بندي معاهدي جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. داڪٽر فيصل جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايوآهي ته 2017 کان ڀارت 1970 ڀيرا خلاف ورزي ڪئي آهي، هن مطالبو ڪيو ته ڀارت اقوام متحده جي مبصرن کي جائزي ۽ مانيٽرنگ جي اجاز ڏئي جيئن حقيقت سامهون اچي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو